پشڪن اليگزينڊر

پشڪن اليگزينڊر

پشڪن اليگزينڊر

پشڪن اليگزينڊر (Pushkin, Aleksandr): مشهور روسي شاعر ۽ مصنف پشڪن اليگزينڊر 1799ع ۾ ڄائو. هن رزميه ۽ غنائي نظمن، ڊرامن، ناولن ۽ افسانن ذريعي پنهنجي زبان جي ادب جو بنياد رکيو. هن ماسڪو جي اعليٰ خاندان ۾ جنم ورتو ۽ پنهنجي پڙ ڏاڏي هيني بال تي تمام گهڻو فخر محسوس ڪندو هو، جيڪو پيٽراعظم جو جرنيل هو. پشڪن Tsarskoye Selo (هاڻوڪي پشڪن) جي امپريل لائسيم ۾ تعليم حاصل ڪئي ۽ نوجوانيءَ ۾ ئي شاعراڻا جوهر ڏيکارڻ لڳو. 1817ع ۾ هن کي سينٽ پيٽرسبرگ ۾ پرڏيهي وزارت ۾ نوڪري ملي، جتي کيس سماجي زندگيءَ کي سمجهڻ، ان ۾ شامل ٿيڻ ۽ هڪ انقلابي گروپ سان واسطا رکڻ جو موقعو مليو.
1820ع ۾ هن جو نظم ‘Ode to Liberty’ حاڪمن جي توجهه جو مرڪز بڻيو ۽ هن کي ڪافقاز ۾ جلاوطن ڪيو ويو، بهرحال هو سرڪاري عهدي تي برقرار رهيو. ان سال پشڪن پنهنجو طويل نظم ‘Ruslan and Ludmila’ شايع ڪيو، جيڪو لوڪ داستان تي مشتمل هو، ان نظم جي ذريعي هو روس جي مشهـور شاعـرن ۾ ڳـڻـجڻ لڳـو. مٿس لارڊ بائرن جو اثر به نظر اچي ٿو. هن مشهور ڪتاب ‘Eugene Onegin’ 1823ع ۾ لکڻ شروع ڪيو، جنهن کي پهريون عظيم روسي ناول سمجهيو وڃي ٿو. هي شاعراڻو ناول 1831ع کان اڳ مڪمل نه ٿي سگهيو. 1823ع ۾ اوڊيسا منتقل ٿيڻ تي پشڪن هڪ آفيسر جي شديد ناپسنديدگيءَ جو نشانو بڻيو. ٻئي اڳئين سال هن کي نوڪريءَ تان فارغ ڪري بسڪوف لڳ پنهنجي ماءُ جي جاگير ڏانهن موڪليو ويو. اتي هن شيڪسپيئري روايت ۾ هڪ روسي تاريخي ٽريجڊي ‘Boris Godunov’ (25-1824ع) لکي، جيڪا ڇهن سالن کانپوءِ شايع ٿي.
ان کان سواءِ هڪ تاريخي ناول ‘The Captains Daughter’ (1836ع) به لکيائين. هن جي افسانن مان ‘The Queen of Spades’ گهڻو مشهور آهي. پشڪن هڪ ڊيوئل (هڪ قسم جي ويڙهه) ۾ رسيل زخمن سبب 1837ع ۾ وفات ڪري ويو.


لفظ پشڪن اليگزينڊرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو